سنڌي نثر جي ڪِن صنفن جو اڀياس

سنڌي نثر جي ڪِن صنفن جو اڀياس

سنڌي نثر جي ڪِن صنفن جو اڀياس

سنڌي نثر جي ڪِن صنفن جو اڀياس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب پروين موسيٰ ميمڻ جو سنڌي ادب جي نثري صنفن متعلق لکيل آهي.
هن ڪتاب ۾ ايم. اي، سي. ايس. ايس، پي. سي. ايس ۽ ڊگري ڪلاس جي نصاب سان لاڳاپيل سنڌيءَ جي نثري صنفن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. پنجن ڀاڱن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ سنڌي مضمون نويسي، مقالا نگاري، ناول، سفرناما، افسانا نويسي ۽ ڊراما شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪجهه ادبي فن پارن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پڻ ڏنو ويو آهي. انهيءَ سان گڏ سنڌي ليکڪن جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جي تعارف کانسواءِ سنڌي نثر جو مختصر تعارف ۽ خصوصيتون پڻ بيان ڪيون ويون آهن. ڪتاب ۾ نثر جي عام وصف کانسواءِ، سنڌي نثر جو تعارف بيان ڪيل آهي. ان کانپوءِ نثر جي صنفن: مضمون ۽ مقالي، سفرنامي، ناول نويسيءَ، افسانه نويسيءَ ۽ سنڌي ڊرامي وغيره تي مفيد بحث ۽ انهن تي لکيل مشهور ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پڻ پيش ڪيل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ’سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا‘ جي عنوان سان لکيل مضمون ۾ علامت نگاري، وجوديت، رومانويت ۽ حقيقت نگاريءَ کي سرسري طور جدا جدا بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا، پنهنجي امڙ ’غلام فاطمه‘ جي نانءُ ڪيو آهي. انتساب کانپوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ’دعائيه ڪلمات‘ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو تحرير ڪيل مهاڳ شامل آهن. هيءُ ڪتاب هاير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC)، اسلام آباد طرفان، 2008ع ۾ شايع ٿيو. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپيل هي ڪتاب ڪچي جلد سان 404 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو